خانصاحب عطا محمد پلي

خانصاحب عطا محمد پلي

پلي خانصاحب عطا محمد

پلي، خانصاحب عطا محمد: خانصاحب عطا محمد پلي ولد عبدالحڪيم پلي، عمرڪوٽ ضلعي جو مشهور زميندار ۽ وڏو ماڻهو ٿي گذريو آهي. سندس ولادت 1898ع ۾ ٿي. هن وٽ انگريز دور جا ڪيترائي آفرين ناما، لونگيون ۽ تلوارون موجود هيون. کيس انگريز سرڪار خانبهادر ۽ خانصاحب جا لقب ڏنا هئا، پر بعد ۾ جناح صاحب جي اپيل تي خانبهادر جو ٽائيٽل انگريز سرڪار کي واپس ڪيائين ۽ پوءِ ڪڏهن به خانبهادر نه سڏايو. انگريز سرڪار جي ايترين سَنَدن باوجود، جڏهن هن شينهن مڙس تي ’سام جهلڻ‘ جي ويل آئي ۽ ڳوٺ ٽالهي جوڻيجي جي ’حرن‘ جون نياڻيون، حُر تحريڪ دوران سام ٿي، خانصاحب وٽ پهتيون، ته هن ڏهيسر مڙس نه صرف سامن جو آڌرڀاءُ ڪيو، پر انگريز آفيسر تي پستول تاڻي بيهي رهيو ته هي ’سامون‘ آهن، پهرين سر ڏبو، پوءِ يا نصيب! هيءُ سڄو واقعو مرحوم محمد عثمان ڏيپلائيءَ پنهنجي ناول ’سانگهڙ‘ ۾ 15 صفحن تي ڏنو آهي.
خانصاحب عطا محمد پلي، ضلعي اسڪول بورڊ ٿرپارڪر جو چيئرمئن به هو. سندس دوستن ۾ صوفي قلندر بخش شهيد ۽ مير علي نواز ’ناز‘ خاص هئا. خانصاحب عطا محمد يڪ سخن ۽ پنهنجي اصولن جو پڪو انسان هو. خانصاحب عطا محمد پليءَ کي چار فرزند: خانصاحب عبدالرحمٰن پلي، عبدالڪريم پلي، راڄ محمد ’جمال‘ پلي ۽ ولي محمد ’وفا‘ پلي ٿيا. پلي صاحب 1955ع ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو